ساهيوال (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته آصف علي زرداري جو تازو بيان قومي پارٽي جي قيادت ڪندڙ فرد جي شان موجب ناهي. ساهيوال ۾ پارٽي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته زرداري صاحب ڇا ايترا ويچارا ۽ معصوم آهيو جو منهنجي ورغلائڻ ۾ اچي ويا. هن چيو ته آصف زرداري جي ٽوٽا چٻرائڻ جي بيان واري شام ئي ناپسنديگي جو پيغام موڪليو. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري گند اڇلائڻ ۽ تاريخ کي ميسارڻ کان پاسو ڪري. نواز شريف چيو ته آصف زرداري پنهنجو وزن عوام بدران ڪنهن ٻي جي پلڙي ۾ وجهڻ چاهي ٿو ته ڀلي شوق پورو ڪري. هن چيو ته مان اهڙي قسم جي بيان بازي جو حصو ٿيڻ نه ٿو چاهيان. سندس چوڻ هو ته منهنجي جدوجهد جو اصل مقصد پاڪستان جي عوام جي حڪمراني جو حق بحال ڪرڻ آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ٽوٽا چٻرائڻ واري بيان جي ٻي ڏينهن آصف زرداري سان رٿيل ملاقات ملتوي ڪئي. هن چيو ته واعدو ڪنهن ٽوڙيو دوکو ڪنهن ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف سان اختلافن جو اهو مطلب ناهي ته اداري کي ٽوٽا چٻرايا وڃن. نواز شريف چيو ته مان هڪ وڏي اصولي ۽ نظرياتي مشن جي جدوجهد ۾ مصروف آهيان. هن چيو ته اڄ ٽن سالن کانپوءِ آصف زرداري کي سچ ڳالهائڻ جو خيال ڪيئن اچي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جو حصو بڻجڻ لاءِ مشرف جي مواخذي، ججن جي بحالي، سترهين ترميم ختم ڪرڻ جا شرط رکيا هئا، تنهن وقت آصف زرداري ڇو نه ٻڌايو ته اها پٽي کيس مان پڙهائي. نواز شريف چيو ته ڪنهن لکت معاهدي تان ڦري چيو ته اهو قرآن ۽ حديث ناهي. هن چيو ته آصف زرداري ٻڌائي ته ڪالهه هن منهنجي ٻولي ڳالهائي ته اڄ ڪنهن جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، کيس سمورو ڌيان چونڊن تي ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته زرداري صاحب ٻڌائي ته هو ڪنهن جو گڏو آهي. نواز شريف چيو ته آصف زرداري جي پارٽي سنڌ جي ٻهراڙي تائين محدود ٿي چڪي آهي. هن چيو ته بهتر آهي ته آصف زرداري ذاتي الزامن جا دفتر نه کولي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري جو خيال هو ته مشرف جي سمورن قدمن جي توثيق ڪئي وڃي پر مان انڪار ڪيو. نواز شريف چيو ته زرداري صاحب کي خبر آهي ته سنڌ ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف نيب جون ڪارروايون ڪنهن جي چوڻ تي ٿيون، منهنجو يا وفاقي سرڪار جو ڪو به ڪردار ناهي.