اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ اختيار اورانگهڻ ۽ ضابطن خلاف مقرري جي ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ لاڳيتو غير حاضري سبب شوڪت عزيز جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ٻڌڻي دوران عدالت ريفرنس ۾ نامزد ٻين جوابدارن جي غير حاضري تي پڻ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته نيب ريفرنس ۾ نامزد جوابدارن لياقت جتوئي، اسماعيل قريشي، شاهد حامد ۽ نسيم اختر طرفان حاضريءَ کان ڇوٽ جون درخواستون منظور ڪيون ويون، پوءِ احتساب عدالت ڄاڻايل ريفرنس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27