سکر ( م ڊ ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي سينيٽر اسلام الدين شيخ طرفان اعليٰ نسل جو گهوڙو تحفي ۾ ڏنو ويو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سکر ۾ جلسي کانپوءِ رات سينيٽر اسلام الدين شيخ جي گهر رهائش اختيار ڪئي. آصف زرداري جي مهمان نوازي ڪندي اسلام الدين شيخ کيس اعليٰ نسل جو ڪارو گهوڙو تحفي ۾ ڏنو. اڳوڻو صدر اعليٰ نسل جا گهوڙا پالڻ جو شوق رکي ٿو ۽ تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو گهوڙي تي هٿ ڦيري رهيو آهي.