ڪراچي ( اسٽاف رپورتر ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت پئٽرول جي اگهن ۾ اضافو واپس وٺي. هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ظالماڻو قدم آهي، مهانگائي بي قابو ٿيڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سان گهٽ آمدني وارن طبقي جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيندو، عوام کي رليف ڏيڻ بدران سندن رت چوسيو پيو وڃي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پ پ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافي خلاف احتجاج جي هدايت ڪئي آهي.