اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ضمانت رد ٿيڻ بابت تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد: (بيورو) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ضمانت رد ڪرڻ بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 7 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختيار ڪياني فيصلو جاري ڪيو. 7 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جا حوالا به موجود آهن.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ نيب ڪيس ۾ ضمانت جو معيار مقرر ڪيو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو اطلاق گرفتاري کان اڳ ضمانت واري ڪيس ۾ به هوندو آهي. اعليٰ عدليه جي فيصلن موجب گرفتاري ۾ بدنيتي هجي ته عبوري ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. عبوري ضمانت لاءِ به غير معمولي حالات هجڻ گهرجن.عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آصف زرداري ميگامني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب جي بدنيتي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، نيب موجب مني ٽرائيل جو سڌو سنئون تعلق آصف علي زرداري سان آهي. نيب کي جاچ جي لاءِ آصف زرداري جي گرفتاري گهربل آهي. ٻين ڏوهن جيان وائيٽ ڪالر ڏوهه جو پتو لڳائڻ آسان ناهي. تفصيلي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايل مچلڪا صرف حاضري جي لاءِ آهن. سيڪشن 91 جا مچلڪا نيب کي گرفتاري کان نٿا روڪي سگهن. نيب ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي. ڪيس جي جاچ جاري هجي ته نيب چيئرمين کي جوابدار جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ جو اختيار آهي.عبوري ريفرنس  داخل ٿيڻ تي نيب چيئرمين کي جوابدار جا وارنٽ جاري ڪرڻ جو اختيار ختم نٿو ٿئي. صرف غير معمولي حالتن ۾ ئي جوابدار کي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *