اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميڊيا ڪورٽس جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو)  اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ميان رضا رباني ميڊيا ڪورٽس بڻائڻ بابت حڪومتي تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر جو چوڻ هو ته ميڊيا تي پابندي آئينجي ڀڃڪڙي ۽ جمهوريت تي حملو آهي.هن چيو ته ميڊيا  تي پابندي جي ڪنهن به قدم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ پارليامينٽ جي اندر ان جي خلاف مزاحمت به ڪنداسين.ميڊيا ڪورٽس قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪندي پ پ اڳواڻ چيو ته ميڊيا  تي پهريان ئي پريس ايڊوائزري جي نالي تي سينسرشپ آهي، جڏهن ته ميڊيا ڪورٽس قائم ڪرڻ ميڊيا کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ دٻاءُ ۾ آڻڻ جو هڪ طريقو آهي.سندس اهو به چوڻ هو ته هاڻوڪن حڪمرانن طرفان ميڊيا کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي قدمن، مارشل لا جي دورن کان به وڌيڪ سخت سينسرشپ آهي.ميان رضا رباني جو چوڻ هو ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي شڪايتن بابت ڪائونسل ۽ ويج بورڊ عملدرآمد ٽربيونل ميڊيا تڪرار جي حل جو فورم آهي.هن چيو ته اهڙو ظاهر ٿيندو آهي ته پيمرا جي مسودي ۾ ناڪامي کانپوءِ حڪومت ڪورٽ قائم ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *