اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد ۾ خاص عدالت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف کي سنگين غداري جو ذميوار قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 6 جي تحت ڦاهي جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وفاقي راڄڌاني ۾ موجود خاص عدالت ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس وقار احمد سيٺ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم تي ٻڌل 3 رڪني بينچ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ ٻڌڻي کان پوءِ 3 رڪني فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي فوجي آمر جنرل (ر) پرويز مشرف کي غدار قرار ڏيندي موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اڄوڪي فيصلي تي پرويز مشرف جي قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿي، پر جيڪڏهن عدالت عظمي به خاص عدالت جي فيصلي کي برقرار رکي ٿي ته آئين جي آرٽيڪل 45 جي تحت ملڪ جي صدر کي اِهو اختيار حاصل آهي ته هو جوابدار جي سزا کي معاف ڪري سگهي.خاص عدالت طرفان اِهو اعلان ڪيو ويو هو ته هو ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائيندي پر ان جي باوجود حڪومتي پراسيڪيوٽر ايڊووڪيٽ علي ضيا باجوه عدالت کي ٻڌايو ته هن اڄ 3 درخواستون داخل ڪيون.حڪومت طرفان سنگين غداري ڪيس ۾ وڌيڪ ماڻهن کي جوابدار بڻائڻ جي درخواست ڏني وئي ۽ چيو ويو ته حڪومت شوڪت عزيز، عبدالحميد ڊوگر ۽ زاهد حامد کي جوابدار بڻائڻ چاهي ٿي.فريادي طرفان چيو ويو ته پرويز مشرف جي سهولت ڪارن ۽ ساٿين کي به جوابدار بڻائڻ چاهيون ٿا ڇو ته سمورن جوابدارن جو ٽرائل گڏيل طور هئڻ ضروري آهي.ان ٽي جسٽس شاهد ڪريم ريمارڪس ڏنا ته ساڍا 3 سالن کان پوءِ اهڙي درخواست اچڻ جو مقصد آهي ته حڪومت جي نيت ٺيڪ ناهي، اڄ ڪيس حتمي دليلن جي لاءِ مقرر هو ته نيون درخواستون اچي ويون.گڏوگڏ ئي جسٽس نذر اڪبر چيو ته جاچ ۽ شاهدين جو مرحلو گذري چڪو آهي.، جن کي جوابدار بڻائڻ چاهيو ٿا انهن جي خلاف شاهديون آهن؟ ڇا شريڪ جوابدار جي خلاف نئين جاچ ٿي آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته شڪايت داخل ٿيڻ کان پوءِ ئي جاچ ٿي سگهي ٿي، سيپٽمبر 2014ع جي درخواست جي موجب شوڪت عزيز مشرف کي ايمرجنسي لڳائڻ جو چيو هو.ان تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته توهان مشرف جي درخواست جو حوالو ڏئي رهيا آهيو جنهن تي فيصلو به ٿي چڪو آهي، گڏوگڏ ئي جسٽس شاهد ڪريم اِهي ريمارڪس ڏنا ته مشرف جي شريڪ جوابدارن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ به فيصلو ڏئي چڪي آهي.ٻڌڻي دوران جسٽس نذر اڪبر جو چوڻ هو ته ترميم ٿيل چارج شيٽ ڏيڻ جي لاءِ 2 هفتن جي مهلت ڏني وئي هئي، ان تي فريادي چيو ته قانون جي موجب فرد جرم ۾ ترميم فيصلي کان پهرين ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿي. ٻئي پاسي سڄي ملڪ جي وڪيلن اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف کي آئين جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائڻ واري فيصلي کي ڀليڪار ڪيو آهي.تفصيل موجب اڳوڻي فوجي صدر کي موت جي سزا جي حڪم تي سڄي ملڪ جي وڪيلن جشن ملهائيندي مٺايون ورهايون ۽ هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون، راولپنڊي بار ۾ وڪيلن پرويز مشرف جي خلاف نعري بازي ڪئي ۽ عدليه زندهه باد جا نعرا هنيا.سيڪريٽري شهزاد مير چيو ته وڪيلن جي بار ۾ نعري بازي سان آئين ۽ قانون جي بالادستي ثابت ٿي وئي آهي، وڪيل عدالت فيصلي کي ڀليڪار ڪن ٿا.