اسلام آباد جي عدالت اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي شاهديون نه هئڻ جي بنياد تي صدر آصف علي زرداري جي قتل سازش ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو، شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته حڪمرانن جو ڪم پورو ٿي ويو آهي، حالتون قومي حڪومت ڏانهن وڃي سگهن ٿيون، حڪومت آءِ ايم ايف جي وڪڙ ۾ آهي، آبادگارن کي درست اگهه نه ملي رهيو آهي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف قتل جي سازش ڪرڻ جي ڪيس مان اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي بري ڪري ڇڏيو.
جوڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود، شيخ رشيد جي بريت بابت درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو.
خميس ڏينهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد شيخ رشيد جي بريت بابت درخواست تي محفوظ ڪيو هو.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪمرانن جو ڪم پورو ٿي ويو آهي، حالتون قومي حڪومت ڏانهن وڃي سگهن ٿيون، حڪومت آءِ ايم ايف جي وڪڙ ۾ آهي، آبادگارن کي درست اگهه نه ملي رهيو آهي.