لاهور ( م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف به جوتا ڪلب ۾ شامل ٿي ويو آهي. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سيمينار کي خطاب ڪرڻ لاءِ جامع نعيميا ۾ پهتو جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف خطاب لاءِ ڊائس طرف آيو ته شڪي شڪي شخص مٿس جوتو اڇلايو جيڪو کيس ڪلهي ۽ ڪن کي لڳو. واقعي کانپوءِ جوتو اڇلائيندڙ شخص کي سيڪيورٽي فورسز گرفتار ڪري ورتو. گرفتار شخص کي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي جوتو اڇلائيندڙ شخص جامع نعيميا جو اڳوڻو شاگرد آهي جنهن جي سڃاڻپ منور جي نالي سان آهي. جوتو اڇلائڻ جي واقعي کانپوءِ نواز شريف تقريب کي مختصر خطاب ڪيو ۽ واپس روانو ٿي ويو. پوليس تقريب ۾ وڌيڪ ٻن شڪي ماڻهن ساجد ۽ عبدالغفور کي به گرفتار ڪري ٿاڻي ڪله گجر منتقل ڪيو. مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن نواز شريف تي جوتو اڇلائڻ جي مذمت ڪئي آهي. عمران خان چيو ته اهو ڪو به طريقو ناهي ڪنهن تي جوتو ۽ مس اڇلائي وڃي ۽ خوشي آهي ته ان ۾ تحريڪ انصاف جو ڪارڪن ملوث ناهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياست ۾ عدم برداشت جي ڪلچر کي هٿي نه ڏيڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم سڪندر حيات چيو ته جوتو اڇلائڻ افسوس جوڳو عمل آهي، اهڙي فعل سان پاڪستان جي بدنامي ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن تي جوتو اڇلائڻ غلط ۽ غير اخلاقي عمل آهي.