اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به ڪروڙين رپين جو مالڪ نڪتو

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 63 حيدرآباد لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪروڙين رپين جا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. دستاويزن موجب شرجيل ميمڻ 5 ڪروڙ رپيه ماليت جي فليٽ جو مالڪ آهي، دبئي ۾ ئي 9 ڪروڙ 89 لک رپين جو فليٽ سندس گهر واري جي نالي تي آهي. دستاويزن موجب شرجيل ميمڻ 3 ڪروڙ 96 لک 70 هزار جي ٽن قيمتي گاڏين جو مالڪ آهي، هن 8 ڪروڙ 7 لک، 91 هزار 339 جي روڪ رقم ۽ پرائز بانڊ ظاهر ڪيا آهن. شرجيل ميمڻ ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ 44 لک رپين جي بنگلي جو مالڪ آهي، هن ڊي ايڇ اي 28 اسٽريٽ تي 97 لک رپين جي ملڪيت به ظاهر ڪئي. شرجيل ميمڻ جي گهر واري جي اڪائونٽس ۾ 2 ڪروڙ 29 لک 79 هزار رپيه ظاهر ڪيا ويا آهن جڏهن ته فرنيچر جي مد ۾ 25 لک رپيه ظاهر ڪيا ويا آهن. دستاويزن موجب شرجيل ميمڻ  ٿرپارڪر ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک 80 هزار رپين جي ملڪيت جو مالڪ آهي ۽ انٽرنيشنل گلف گروپ ۾ سندس گهر واري 80 لک رپين جي ڀائيوار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *