اڳوڻو سينيٽر ۽ عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ الياس احمد بلور لاڏاڻو ڪري ويو.
اڳوڻو سينيٽر الياس احمد بلور اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
مرحوم الياس احمد بلور جي جنازي نماز سڀاڻي منجهند 2 وڳي وزير باغ پشاور ۾ ادا ڪئي ويندي.
مرحوم الياس بلور، اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور ۽ شهيد بشير احمد بلور جو ڀاءُ هو.
اڳوڻي سينيٽر الياس احمد بلور عملي سياست جي شروعات نيشنل پارٽي جي ميمبرشپ کان ڪئي هئي.
الياس احمد بلور قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ سينيٽر به رهي چڪو آهي، جڏهن ته سرحد چيمبر آف ڪامرس جو صدر ۽ مختلف چيمبرز جي اعليٰ چونڊيل عهدن تي به رهيو.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين اڳوڻي سينيٽر الياس احمد بلور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.