فيصل آباد(م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳتي وڌڻ لاءِ جمهوري عمل ئي بهترين آپشن آهي. فيصل آباد جي انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ ڪار اسمبلنگ پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو اظهار ڪيو ته پنهنجو پنهنجو مدو پورو ڪندي. سندس اهو به چوڻ هو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ فيصلو عوام ئي ڪندو. وزير اعظم چيو ته اڳتي وڌڻ لاءِ جمهوري نظام ئي بهترين آپشن آهي جڏهن ته موجوده حڪومت بجلي ۽ گيس جي بحران تي ضابطو آندو آهي.