اڪثريت هجي يا اقليت، سڀني کي آئيني حق ۽ جمهوري آزادي ڏيارينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

گلگت (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڪثريت هجي يا اقليت، اسان سڀني کي آئيني حق ۽ جمهوري آزادي ڏيارينداسين.گلگت ۾ وومين ڪنويشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻو آهي، هيءَ رڳو هڪ اليڪشن نه عوام ۽ نوجوانن جي مستقبل جو سوال آهي.هن چيو ته مرد هجي يا عورت، اڪثريت هجي يا اقليت، اسان سڀني کي آئيني حق ۽ جمهوري آزادي ڏيارينداسين، عورتن کي بنا وياج قرض ڏنو ويندو.سندس چوڻ هو ته گلت بلتستان جي عوام جا مطالبا اسان جي منشور جو حصو آهن، اسان ٻين جماعتن جيان رڳو ڳالهيون نه پيا ڪيون، 15 نومبر تي اسان پنهنجي جيالي کي وڏو وزير بڻائينداسين.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳ ۾ سازش ڪئي وئي عورتن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏجي، اسان ڪوشش ڪئي ۽ ديامر ۾ عورتن کان ووٽ ڏيارايا، هاڻ به اهڙو سوچيو پيو وڃي پر ان سازش کي ناڪام بڻائينداسين.اسان جي حڪومت هميشه ملڪ لاءِ ڀلائي وارا ڪم ڪيا، عوام کي پنهنجا حق، پنهنجو گهر ڏنو، بيروزگاري کي ختم ڪيو.موجوده نااهل حڪومت عوام کي بک، بدحالي، بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، غريبن کان گهر به کسيا ويا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *