اڄ ڪلهه ڪرپشن خلاف عدالتن جو رويو وڏو سخت آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: (بيورو)  چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسي چيو آهي ته پهريان ڪڏهن منشيات ۽ دهشتگردي ڪيسن ۾ عدالتن جو رويو وڏو سخت هوندو آهي، اڄ ڪلهه ڪرپشڻ خلاف عدالتن جو رويو تمام سخت آهي.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جعلي اين او سي وسيلي سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جي ڏوهارين جي سزا خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي، نيب  وڪيل ٻڌايو ته زمين جي الاٽمينٽ سان 430 ملين جو نقصان ٿيو.ڏوهارين جي وڪيل چيو ته اپيلون واپس وٺي ڇڏيون ٿا بس عدالت سزا گهٽ ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مختيارڪار سرڪاري زمين جا نگهبان هئا ۽ زمين جي محافظن 21 ايڪڙ زمين ڪنهن کي ڏئي ڇڏي، ان قسم جي ڏوهه ۾ پنج سال سزا گهٽ آهي، پنج سال سزا ته ڪنهن کي ڪاٺي ۽ پٿر هڻڻ تي ٻڌائي ويندي آهي، ڏوهاري خادم حسين جي وڪيل چيو ته الاٽ زمين واپس ٿي وئي هئي.چيف جسٽس چيو ته چور پڪڙجڻ تي رقم واپس ڪري  ڇڏيندو آهي، ته ڇا ان سان ڏوهه ختم ٿي ويندو آهي؟، خادم حسين عهدو سنڀالڻ جي پنجن ڏينهن ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو، ڇو نه ڏوهاري کي سزا وڌائڻ جو نوٽيس ڏيون.چيف جسٽس چيو ته اڄ ڪلهه ڪرپشن خلاف عدالتن جو رويو تمام سخت آهي، پهريان ڪڏهن منشيات ۽ دهشتگردي ڪيسن ۾ عدالتن جو رويو وڏو سخت هوندو هو، اڄ ڪلهه سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشڻ ڪيسن تي عدليا جو رويو اهڙو آهي.سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ ڏوهارين جي سزا خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون، خادم حسين ۽ مشتاق علي ڪراچي جي علائقي ملير ۾ سرڪاري زمين نجي شخص کي الاٽ ڪرڻ جي جعلي اين او سي جاري ڪئي هئي، احتساب عدالت پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي ۽ هاءِ ڪورٽ سزا برقرار رکي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *