هانگ ڪانگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ)وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اڄ پاڪستان پر اعتماد ۽ سرمايا ڪري لاءِ تيار آهي پاڪستان دنيا ۾ کير پيدا ڪرڻ وارو چوٿو وڏو ملڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جيترو ڪو به ملڪ دهشتگردي کان متاثر ناهي ٿيو ۽ پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ جو شمار دنيا جي وڏي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ هوندو آهي.تفصيل موجب ون بيلٽ روڊ پاڪستان سرمايا ڪاري فورم سان خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته هانگ ڪانگ دنيا جي معشيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جو جغرافيائي محل انتهائي اهميت جو حامي آهي ۽ پاڪستان هڪ اڀرندڻ معشيت آهي.جڏهن ته 2013 ۾ پهرين جي ڊي پي جي شرح 3 فيصد هلندڙ سال جي ڊي پي جي شرح 5 فيصد آهي جنهن ۾ ايندڙ 2 سالن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، اسان جي پهرين معاشي استحڪام هئي ۽ پاڪستان ۾ ترقي جي رفتار کي برقرار رکڻ ضروري آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ سرمايا ڪاري کي مڪمل قانوني تحفظ حاصل آهي، سرمياڪار پاليسون کي لبرلائز ڪيو ويو آهي، تونائي جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي پاڪستان ۾ بجلي کان سواءِ بجلي ٻين ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي ذريعا موجود آهن ۽ حڪومت صحت،تعليم جي شعبي ۾ غريب ۽ طبقي لاءِ ڪيترائي قدم کياآهن.