ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻن قمر الزمان ڪائره، سيس يوسف رضا گيلاني ۽ سيد نفيسھ شاهه چيو آهي تھ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هميشه هارين غريبن، مزدورن لاءِ آواز اٿاريو ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ڪئي. سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر الزمان ڪائره چيو تھ موجوده پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عوام کي ڏنل هڪ تحفو آهي. هن چيو تھ راولپنڊي کان جيڪڏهن ڪا سٺي خبر ناهي ملندي ته ان جي پويان وڏيون وڏيون سازشون هونديون آهن. سندس چوڻ هو تھ شيخ رشيد صاحب جي باري ۾ ڳالهائڻ فضول آهي ان تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاھيان ، مولانا فضل الرحمان سندن بزرگ آهي ان کان هو سياست سکندا آهن. هن چيو تھ جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي جو جهيڙو انهن جي گهر جو جهيڙو آهي، پي ٽي آءِ ۾ اڃان وڌيڪ جهيڙا ڏسڻ وٽان ملندا. پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو تھ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عظيم شخصيت آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عالمي ليڊر هو. هن چيو تھ اڄ جيڪي ملڪي حالتون نطر اچي رهيون آهن ان حالتن ۾ اهڙي شخصيت جو هجڻ لازمي آهي. سندس چوڻ هو تھ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه هارين ، غريبن ، مزدورن ۽ عوام لاءِ جاکوڙ ڪئي. پ پ اڳواڻ سيد نفيسھ شاهه چيو تھ 4 اپريل تي ملڪ مان ڪارڪنن جي قافلن جو سلسلو جاري آھيب، لاول ڀٽو جو ڪاروان ڀٽو ٽرين مارچ ڪامياب رھيو. هن چيو تھ بلاول ڀٽو زرداري مھانگائي خلاف آواز اٿاريو، جڏهن تھ پي ٽي آءِ حڪومت عوام لاءِ هڪ برو خواب آھي. سندس چوڻ هو تھ موجوده حڪومت مھانگائي جا نوان ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، وفاقي حڪومت صوبن کي پنھنجا حق نٿي ڏئي. سندس چوڻ هو تھ عمران خان گھوٽڪي ۾ ڪنھن به منصوبي جو اعلان نه ڪيو ، شھيد ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو . سيد نفيسھ شاهه چيو تھ ناڻي وارو وزير انڊسٽيريز کي رليف ڏئي رھيو آھي، باقي ھارين کي سهولتون ڇو نھ ٿيون ڏنيون وڃن، وفاق پهريون اڏ ۾ ڇڏيل منصوبا پورا ڪرائي پوءِ نوان منصوبا شروع ڪري.