ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ سٺي خبر ناهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3 مريض ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن ۽ وڌيڪ 383 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3028 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جنهن دوران وڌيڪ 383 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته اسان ڪل 38 هزار 188 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا آهن، جنهن بعد ٽيسٽ ڪيل ماڻهن جو انگ 41 هزار 216 ٿي ويو آهي، انهن مان 4 هزار 615 مريض سامهون آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ 81 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 41 مريضن جي حالت خراب آهي. وڏي وزير چيو ته هن وقت 3 هزار 662 مريض علاج هيٺ آهن، اڄ وڌيڪ 383 ڪيس سامهون آيا آهن جن مان 273 ماڻهن جو تعلق ڪراچي سان آهي. وڏي وزير چيو ته سکر ۾ 17، حيدرآباد ۾ 7، نوشهروفيروز ۾ 4، خيرپور، ٺٽو، بدين ۽ مٽياري ۾ 2-2 ڪيس، سانگهڙ، دادو ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ هڪ ڪيس سامهون آيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته اسان آن لائن بزنس شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، شهري مڪمل احتياط ڪن،ماسڪ جو استعمال ڪن ۽ هڪ ٻئي کان پري رهن.