ڪراچي (اين اين آءِ) 23 مارچ يوم پاڪستان جي موقعي تي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي گورنر محمد زبير صوبائي ڪابينه جي ميمبرن سان گڏ مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني به ڪئي مزار ۾ رکيل مهمان جي ڪتاب ۾ عظيم اڳواڻ جي لاءِ پنهنجا تاثر به لکيا ان کان پوءِ ميڊيا اسن ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم قيادت ۾ سمورين سازشن جي باوجود مسلمانن هڪ جدا ملڪ حاصل ڪيو تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان وڏيون قربانين ۽ جدوجهد کان پوءِ حاصل ٿيو آهي اڄ جو ڏينهن اسان کي پاڪستان جي لاءِ عملي جدوجهد جي شروعات جي ياد ڏياري ٿو جڏهن ته ملڪ جون موجوده حالتون اسان کان ڀرپور قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جو تقاضا ڪري رهيون آهن اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪي استحڪام ٻڌي اتفاق ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عزم ڪرڻ گهرجي اسان کي ذاتي فائدن کي پري رکي ملڪ جي استحڪام ۽ ترقي کي فوقيت ڏيندي اڳتي وڌڻ گهرجي اسان کي اهو پڪو پهه ڪرڻو پوندو ته باباءِ قوم جي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي خواب کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي.