اڄوڪو پاناما ليڪس جو فيصلو ملڪي سياست کي تبديل ڪري ڇڏيندو:تحريڪ انصاف

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو پاڪستان جي سياست کي تبديل ڪري ڇڏيندو جنهن جو اثر پوري ملڪ تي پوندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بني گالا ۾ پنهنجي پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو جنهن ۾ پوري ملڪ مان پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاناما ڪيس جي فيصلي جو اثر پوري پاڪستان تي ٿيندو جيڪو ان صورتحال تبديل ڪري ڇڏيندو. ان چيو ته پورو ملڪ پاناما ڪيس جي فيصلي جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ تحريڪ انصاف تاريخي جدوجهد ڪئي جنهن تي پنهنجي هڪ هڪ ڪارڪن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جن جي جدوجهد رنگ ڏيکارڻ واري آهي. عمران خان چيو ته پاڪستان جو روشن مستقبل اڄ تحريڪ انصاف جي راهه تائين رهيو آهي ڇو جو هيءَ ئي جماعت آهي جنهن ڪرپشن خلاف عملي جدوجهد ڪئي ۽ پاناما ڪيس کي سرد خاني جي نذر نه ٿيڻ ڏنو ۽ ميڊيا ۾ ان کي زندهه رکيو، ان چيو ته سڀاڻي واري فيصلي کانپوءِ پاڪستان ۽ اڄ جي پاڪستان ۾ نمايان فرق هوندو ڇو جو ڪرپشن اڄ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اشو بڻجي چڪو آهي ۽ پوري قوم ڄاڻي ورتو آهي ته مسئلن جو سڀ کان بنيادي سبب ڪرپشن ئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *