اپوزيشن ۾ همت آهي ته راولپنڊي اچي ڏيکاري: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي تحريڪ دم ٽوڙي رهي آهي، جيڪڏهن انهن ۾ همت آهي ته راولپنڊي اچي ڏيکارين.اسلام آباد ۾ فريڊم هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان چورن ۽ ڦورن سان مفاهمت بدران انهن جو حساب ڪندو ۽ پاڪستان کي ترقي ڏياريندو، پاڪستان جي سياست ۽ معيشت کي درست ڪندو.هن چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ دم ٽوڙي رهي آهي، مان اڳ ئي چيو هو ته اهي نه استعيفيٰ ڏيندا ۽ نه چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندا پر اهي سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندا، جيڪڏهن اپوزيشن ۾ همت آهي ته راولپنڊي ڏانهن اچي.سندس چوڻ هو ته سڄو پاڪستان فوج سان گڏ آهي، ڀارت پنهنجي ايجنٽن ۽ سيڙپ ذريعي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو پر پاڪستان خلاف سازشون ناڪام ٿينديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *