اپوزيشن ۽ حڪومت هر وقت هڪٻئي کي گهٽ ڪرڻ ۾ رڌل آهن:فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گورننس جي معاملن تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو اتفاق چاهيون ٿا.خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان 2.1 ارب رپين جا طبي اوزار درآمد ڪري ٿو، پرائيويٽ سيڪٽر طبي اوزار ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ جنهن تي به الزام لڳو، ان کان جواب ورتو ويو، اپوزيشن ۽ حڪومت هر وقت هڪٻئي کي گهٽ ڪرڻ ۾ رڌل آهن، اپوزيشن ۽ حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ ايجنڊا تي اچڻ گهرجي، چاهيون ٿا ته گورننس جي معاملن تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اتفاق ٿي وڃي.سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ ميڊيا جا معاملا سولائيءَ سان حل ٿي سگهن ٿا، ميڊيا کي باصلاحيت ٽيم ڏسي رهي آهي، شبلي فراز ۽ عاصم باجوا جي هوندي ميڊيا جا معاملا حل ڏانهن ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *