اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزيرن اعلان ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران اپوزيشن جي احتجاج ۾ حڪومت رنڊڪ نه وجهندي ۽ اميد ته احتجاج قانون ۽ آئين جي دائري ۾ ٿيندو.وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ پرويز خٽڪ، فواد چوڌري، فروغ نسيم ۽ شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اپوزيشن کي جنهن اسيمبلي جي اعتراض آهي، ان جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي پر اميد ته اپوزيشن ڪو مسئلو پيدا نه ڪندي، اڄ اسان جو گڏيل فيصلو آهي ته اپوزيشن جي احتجاج ۾ رنڊڪ نه وجهنداسين.هن چيو ته عمران خان کي خدا ۽ عوام جي حمايت حاصل آهي، هو ڪڏهن به اسرائيل کي تسليم نه ڪندو، مولانا فضل الرحمان کي چوان ٿو ته اسلام جي ڳڻتي ڪري، اسلام آباد هن جي نصيب ۾ ناهي.فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن ڪو سرڪاري ادارو ته سلامت رهڻ ڏئي، توهان فوج ۽ سپريم ڪورٽ خلاف ڳالهائيندا آهيو، اهڙو ڪو ادارو ناهي جنهن سان توهان کي مسئلو نه هجي، موجوده اليڪشن ڪميشن پ پ ۽ ن ليگ جي مشاورت سان ٺهي آهي.فروغ نسيم چيو ته احتجاج ڪرڻ توهان جو بنيادي حق آهي، فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته هر هنڌ احتجاج نٿو ٿي سگهي، احتجاج قانون جي اجازت موجب ٿيڻ گهرجي، قانون کي هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي، سٺي شهري جي حيثيت سان احتجاج ڪيو، قانون خلاف احتجاج ٿيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.پرويز خٽڪ اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ راند کيڏي رهيا آهن، انهن وٽ ٻيو ڪجهه ناهي.شبلي فراز چيو منهنجي پ پ ۽ ن ليگ کي درخواست آهي ته اهي اچي ثبوت پيش ڪن ۽ فنڊنگ جو رسيدون ۽ جواب کڻي اچن.