اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار چيو آهي ته اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي نه پر ڦورو ڪميٽي لڳي ٿي، پلان اي بي ۽ پوءِ سي طرف ويندي کين ياد آيو، اڪبر ايس بابر فارن فنڊنگ جي ديڳ چاڙهي آهي، هڪ انٽرويو ۾ عثمان ڊار اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي کي ڦورو ڪميٽي سان ڀيٽ ڏيندي چيو ته هي رهبر ڪميٽي نه پر رابر ڪميٽي لڳي ٿي، هن چيو ته حڪومت ن ليگ سان ڪو به 10 سالن جو معاهدو نه ڪيو آهي پر وزيراعظم عمران خان رحم دلي ڏيکاري آهي، هن چيو ته ان کان اڳ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ حنيف عباسي به سپريم ڪورٽ وڃي چڪو آهي جتان کيس سرمشار ٿي واپس موٽڻو پيو، 23 اڪائونٽس مان 2 اڪائونٽ اڪبر ايس بابر جا به آهن، اڪبر ايس بابر هن وقت مخالف ڌر پارٽين جو فرنٽمين آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اڪبر ايس بابر جي ڏنل فوٽو ڪاپين جي اسڪرونٽي ڇو نٿو ڪري، جيڪڏهن ڪجهه به هٿ نه آيو ته ڇا شاهنواز رانجها استعيفيٰ ڏيندو، ان بابت هو اعلان ڪري.