اپوزيشن حڪومت خلاف ٻيهر متحرڪ، جوائنٽ اپوزيشن ڪميٽي ۽ اي پي سي تي اتفاق

لاهور (م ڊ) پ پ ۽ ن ليگ حڪومت کان ڇوٽڪاري لاءِ سياسي رابطا تيز ڪرڻ ۽ عيد کانپوءِ اي پي سي تي اتفاق ڪري ورتو.پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اڳواڻن ۾ بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو ته اپوزيشن جا رابطا گهڻي وقت کان جاري هئا، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي، ملڪ جون جماعتون متفق آهن ته حڪومت پاڻ هڪ وڏو مسئلو آهي.هن چيو ته اڄوڪي ملاقات ۾ جوائنٽ اپوزيشن ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ڪميٽي ۾ ن ليگ مان اياز صادق، خواجا آصف ۽ مريم اورنگزيب شامل هوندا.سندس چوڻ هو ته اسيمبلي اندر به وڏي سيريس قانون سازي ٿيڻ وڃي رهي آهي، اپوزيشن جماعتون بهتر ڪوآرڊينيشن سان عوام جي ڀلائي لاءِ قانون سازي جي حمايت ڪنديون.قمر زمان ڪائرا موجب اميد آهي ته عيد کان اڳ هوم ورڪ مڪمل ڪري وٺنداسين، عيد کانپوءِ ليڊر شپ جي سطح تي اي پي سي ٿيندي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته آئي ڏينهن نيب نياري ڳٺ جوڙ وڌيڪ واضح ٿيندي پئي وڃي، پ پ جو خورشيد شاهه 10 مهينن کان جيل ۾ آهي، ان تي الزام ماضي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ختم ٿي چڪا آهن، حمزا شهباز به جيل ۾ آهي، موجوده حڪومت جو ٽيون وار ميڊيا تي آواز دٻائڻ آهي.پ پ اڳواڻ چيو ته اسان مارشل لائن کي منهن ڏنو، آمرن کي منهن ڏنو، نيب کي جيڪو وڻي ڪري، اسان کي عوامي اميدن تي پورو لهڻو آهي، ڪوشش آهي ته انهن کي جلد کان جلد فارغ ڪيو وڃي.ان موقعي تي ن ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو ته هن حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري آندي، حڪومت والاريل ڪشمير جي مسلمانن کي به انهن جي حال تي ڇڏي ڏنو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جو ڳلو دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پاڪستان کي 72 سالن کانپوءِ تجربي گاهه نٿو بڻائي سگهجي، ماضي ۾ اهڙن تجربن ملڪ کي نقصان پهچايو.سندس چوڻ هو ته معيشت تباهه ٿي وئي آهي، عوام کي زندگي جو بهتر معيار ڏيڻ پري جي ڳالهه ٿي وئي آهي، گاڏين وارا موٽر سائيڪلن تي اچي ويا آهن، مزدورن، هاري ۽ ڊگرين وارا نوجوان پريشان آهن.احسن اقبال موجب حڪومت جي ڪري پاڪستان کي اندريان ۽ ٻاهريان خطرا آهن، حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ عوام جي اميدن جي ترجماني ڪئي، سڀني جماعتن جي مشاورت سان عيد کانپوءِ اي پي سي ٿيندي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته اهڙو قانون ٺاهيو پيو وڃي، جيڪو نيب جو پيءُ نه ڏاڏو آهي پر اسان حڪومت جي ڪهاڙين جو مقابلو ڪيو آهي، اسان جي قيادت هيٺين سطح تائين جيل ڀوڳيا آهن، ٻن سالن ۾ هيءَ حڪومت وائکي ٿي چڪي آهي.هن چيو ته عمران خان کي ڪورونا بچائي ورتو، ڪورونا ان حڪومت کي لائف لائن ۽ آڪسيجن ڏني آهي، اسان ڪورونا جي موجودگي ۾ عوامي زندگين سان نٿا کيڏي سگهون.اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پ پ سان ڪو ڊيڊ لاڪ ناهي، اي پي سي جي ايجنڊا ۽ ٽائمنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جڏهن ته خواجا سعد رفيق جو چوڻ حڪومت پاڻ پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *