اپوزيشن جي تحريڪ جو مقصد اين آر او آهي، کين ناڪامي نصيب ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪي به حڪمران آيا انهن 5 سالن جو ئي سوچيو.اسلام آباد ۾ بلين ٽري هني پروگرام جي افتتاح دوران خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ماحولياتي گدلاڻ ۽ تبديلي کي منهن ڏيڻ اسان لاءِ چيلينج آهي، اسان مٿان ملڪ کي پيش ماحولياتي صورتحال بهتر ڪرڻ جي ذميواري آهي، ماحولياتي تبديلي مان متاثر ملڪن ۾ پاڪستان جو پنجون نمبر آهي، بدقسمتي سان ٻيلن جي رقبي ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي، اسان انگريزن جي جهنگن کي ختم ۽ درياهن کي گدلو ڪيو، سرسبز علائقن ۾ وڻ وڍي عمارتون جوڙيون، پهرين گدلاڻ نه هئي ته ماڻهن ڍنڍن ۽ شاخن مان پاڻي پيئندا هئا، سپريم ڪورٽ جا ريمارڪس آهن ته سنڌ ۾ زمين هيٺ پاڻي 70 سيڪڙو گدلو آهي، سياري ۾ لاهور ۾ خطري جي حد کان وڌي ويندي آهي. سڄي ملڪ ۾ شهرن جو ماسٽر پلان ئي ناهي، اسان شهرن جا ماسٽر پلانز بڻائي زرعي زمين بچائڻ چاهيون ٿا.وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن ۽ ترجمانن کي اپوزيشن جون تجويزون سامهون آڻڻ جِي هدايت ڪندي چيو ته اپوزيشن چوي ٿي ته هڪ ارب کان گهٽ ڪرپشن تي نيب ڪارروائي نه ڪري ۽ ڪرپشن تي نااهلي جِي سزا نه هجَي.  اپوزيشن جِي تحريڪ جو ٻيو مرحلو به ناڪام ٿيندو، سندن تحريڪ رڳو اين آر او لاءِ آهي، اپوزيشن نيب قانون ۾ ترميم لاءِ تجويزن جِي آڙ ۾ اين آر او گهريو: وزيراعظم چيو ته نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان کي هر فورم تي وائکو ڪيو وڃي، حڪومتي ترجمانن اجلاس ۾ چيو ته فضل الرحمان اثاثا ٺاهيا آهن، کيس نيب آڏو سَرينڊر ڪرڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *