اسلام آباد(بيورور پورٽ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناماليڪس جا سمورا ڪردار وائکا ٿيڻ گهرجن، اهو معاملو 20ڪروڙ عوام جي کيسن تي سرجيڪل اسٽرائيڪ جو آهي.اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي پنهنجا ٽي او آرز عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت سان گڏ رهندڙ اپوزيشن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، منهنجو چور زندهه باد، تنهنجو چور مرده باد، وارو سلسلو بند ٿيڻ کپي.هن چيو ته چور چور هوندو آهي، جاچ جي شروعات وزيراعظم کان ٿيڻ گهرجي، قوم کي ٻڌايو وڃي ته آف شور ڪمپنين جو پئسو ڪٿان آيو؟سراج الحق چيو ته قوم کي ڪلين ۽ گرين پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا، پاناماليڪس جي جاچ لاءِ سمورو رڪارڊ موجود آهي، شاهديون موجود آهن رڳو جوابدارن کي پڪڙڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته عدالت اسان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي، سموريون سياسي پارٽيون ۽ سموري ملڪ جي عوام جي نظر سپريم ڪورٽ تي آهي، اميد آهي ته عدالت قوم کي مايوس نه ڪندي، بهترين عدالتي فيصلن جي ذريعي ئي اسان جي جمهوريت ۽ ادارا مستحڪم ٿيندا.سراج الحق وڌيڪ چيو ته احتساب کانسواءِ ڪنهن به مسئلن جو حل ناهي، پاناما ليڪس هجي يا آف شور ڪمپنيون، سڀني ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي ۽ قوم کي ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي ناڻي کي ڪهڙي طريقي سان ٻاهرين ملڪ منتقل ڪيو وڃي.