اپوزيشن تحريڪ انصاف جي سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ متحد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ معاشي معاملن تي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ  شهباز شريف جي دعوت تي مخالف ڌر جي سربراهن جو اجلاس سندس چيمبر ۾ ٿيو، جنهن ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو، زرداري ۽ نويد قمر شرڪت ڪئي. پ پ اڳواڻن جي پهچڻ تي شهباز شريف سندن آجيان ڪئي. مخالف ڌر اڳواڻن جي اجلاس ۾ جي يو آءِ ف جي مولانا اسعد الرحمان، عوامي نيشنل پارٽي جي امير حيدر خان هوتي، ن ليگ جي شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ راڻا تنوير پڻ شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس دوران ملڪ جي معاشي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته حڪومت کي فري هينڊ ڏيڻ سان ملڪ خطري ۾ پئجي ويندو. اپوزيشن اڳواڻن معاشي معاملن تي حڪومت کي پارليامينٽ ۾ ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته فوجي عدالتن تي به گڏيل پاليسي اختار ڪرڻ اتفاق ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان معاملي تي حڪومت سان باضابطا طور رابطي کانپوءِ پاليسي واضح ڪئي ويندي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ طئي ڪيو ويو ته اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي هوندي. سندس چوڻ هو ته معاشي حڪمت عملي هجي يا ميڊيا جي آزادي گڏيل حڪمت عملي هوندي، ان مقصد لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن ۾ سموري اپوزيشن جي نمائندگي هوندي ۽ اها ڪميٽي حڪومت سان به ڳالهائيندي، جڏهن ته فوجي عدالتن جي معاملي تي به اها ڪميٽي ڳالهه ٻولهه ڪندي. هن چيو ته اپوزيشن کي چور چيو ويندو آهي ۽ اهڙا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن جيڪي ورجائي به نٿا سگهجن، ملڪ ۾ معاشي حالتون ابتر آهن، مهانگائي روز وڌي رهي آهي ۽ ٻاهرين ملڪن جا سيڙپڪار اچڻ لاءِ تيار ناهن. اجلاس کانپوءِ هڪ صحافي آصف علي زرداري کان سوال ڪيو ته ڇا اپوزيشن پارٽين جو اتحاد ٿي سگهي ٿو؟ جنهن تي هن چيو ته اتحاد ٿي ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري به چيو ته اپوزيشن پارٽين گڏيل ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اپوزيشن اجلاس ۾ اي اين پي جي نمائندگي ڪندڙ امير حيدر هوتي به صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، سندس چوڻ هو ته اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو اهم هو، اپوزيشن جي چيمبر ۾ غير معمولي اجلاس هو، سمورن معاملن تي متحد ٿينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *