اپوزيشن ان لاءِ ڪوڙا الزام لڳائي رهي آهي جيئن سياسي فائدو وٺي سگهي: مشاهدالله خان

اسلام آباد (بيورو): ن ليگ اڳواڻ مشاهدالله خان چيو آهي ته جي آءِ ٽي کي سپريم ڪورٽ جو ڪور حاصل آهي، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان لکي ڇڏيو هيو ته سمورا ادارا جي آءِ ٽي سان سهڪار ڪن، هن چيو ته هڪ هفتي تائين بني گالا انهن کان کسجي ويو ته انهن جي حالت ڪهڙي هئي، اهو ئي حسين نواز آهي جيڪو ٽن مهينن تائين سول لائين ٿاڻي ۾ بند رهيو، ڪوئي ان کي سمجهائڻ وارو ناهي ته ڪپتان صاحب هي ڪرڪيٽ ناهي، مشاهدالله خان چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي کان پڇندو ته ڇا ڪيو اٿئو، هن چيو ته انصاف ضرور ٿيڻ گهرجي، حديبيه ڪيس ۾ به ڪجهه نه نڪتو، ڪنهن کي چيو پيو وڃي هن پيپر تي صحيح ڪري ڇڏيو، ادا سڌو چئي ڇڏيو ثبوت نه مليا، اپوزيشن کي حڪومت جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهربا هئا، اپوزيشن ان لاءِ ڪوڙا الزام لڳائي رهي آهي جيئن سياسي فائدو وٺي سگهي، عوام ڄاڻي ٿو ته نواز شريف ترقي جي علامت آهي، عالمي ادارا پاڪستان جي ترقيءَ جي تعريف ڪري رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان هن ملڪ جي جمهوريت جي قبر بڻائي آهي، مان اخبار ۾ پڙهيو ته جاويد ڪياني کي چيو ويو ته واعدي معاف گواهه بڻجي وڃي، هڪ ميمبر حديبيه ڪيس جي جاچ ڪري چڪو آهي، اهو ڇا اڃا جاچ ڪري سگهي ٿو، هڪ جي آءِ ٽي ميمبر سياسي اڳواڻ جو مائٽ آهي، عمران خان ادارن کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيندو آهي، انتقام کي ذهن مان ڪڍڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو، جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ بدلو آهي ته ان کي ڪڍي ڇڏي، موجوده جي آءِ ٽي تي باقاعده لکي اعتراض ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ هڪ ادارو آهي، ان تي اسان کي پورو اعتماد آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *