اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان قوم کي اٽي ۽ کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي رپورٽ تي وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ اعليٰ سطحي ڪميشن طرفان تفصيلي فرانزڪ آڊٽ جي نتيجن جو منتظر آهيان، جيڪي 25 اپريل تائين لکجي ويندي.هن خاطري ڪرائي ته اهڙا نتيجا سامهون اچڻ کانپوءِ ڪو به طاقتور گروهه (لابي) عوامي مفادن جو خون ڪري نفعو ڪمائڻ جي قابل نه رهندي.سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي اگهن ۾ اوچتو واڌ جي شروعاتي جاچ واعدي موجب بنا دير جاري ڪئي وئي آهي ۽ تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي، ذاتي مفادن جي آبياري ۽ سمجهوتن جي رسم ماضي جي سياسي قيادت کي ان اخلاقي جرئت کان محروم رکيو، جنهن بنياد تي اهي اهڙيون رپورٽون جاري ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهيون.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ملڪ ۾ کنڊ بحران جو سڀ کان وڌيڪ فائدو حڪمران جماعت جي جهانگير ترين کنيو، جڏهن ته ٻئي نمبر تي وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ ۽ ٽئين نمبر تي حڪمران اتحاد ۾ شامل مونس الاهي جي ڪمپنين فائدو کنيو.