ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪڻڪ جوامدادي اگهه1380( 34.5 رپيا في ڪلو) مان 1600 رپيا في مڻ ( 40 رپيا في ڪلو) ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته انهي سان اٽي جو اگهه 43 مان وڌي 50 رپيا ڪلو ٿي ويندو، ان ڏس ۾ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته جيڪڏهن آبادگارن جي چوڻ تي ڪڻڪ جو امدادي اگھه وڌايو ويندو ته پوءِ اٽو مهانگو ٿي ويندو. ان ڪري ڪڻڪ جو امدادي اگھه نه وڌايو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته آبادگار ڪڻڪ جو امداي اگهه 1600 رپيا في مڻ ( 40 رپيا ڪلو گرام ) مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان ڪڻڪ تي سسبڊي نه ٿا ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت سنڌ جا اربين رپيا روڪي ورتا آهن، وفاق پوڻا ٻن سالن ۾ سنڌ کي رپيو به ناهي ڏنو، هوڏانهن سرڪاري ذريعن موجب هن وقت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 34.5 رپيا في ڪلو گرام ( 1380 رپيا في مڻ) هجڻ وقت اٽي جو سرڪاري اگهه 43 رپيا آهي، ڪڻڪ جي اگهه ۾ ساڍا 6 رپيا في ڪلو واڌ ڪرڻ سان سرڪار کي اٽي جو سرڪاري اگهه 43 مان وڌائي 50 رپيا ڪرڻو پوندو