اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز اٽي، کنڊ ۽ آءِ پي پيز بابت جاچ تي واضح ڪيو آهي ته ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، معاملي جي جاچ فائلن جي ور نه چڙهيندي، 18 ترميم جي سنجيندگي جي سطح تائين ڪا به ڳالهه نه پئي ٿئي، 18 هين ترميم سميت ڪنهن به معاملي تي بحث ٿي سگهي ٿو، نيب قانون تي به اپوزيشن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ڪوشش آهي ته قانون اهڙو هجي جيڪو سڀني کي قبول هجي، هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير، وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي بابت چيو ته هي فيصلو وزيراعظم ڪيو آهي ڇو ته اهو ڪپتان آهي، ان موقعي تي ان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا فردوس عاشق اعواڻ کي انڪوائري جي نتيجي ۾ هٽايو ويو ته ان شبلي فراز چيو ته کيس فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف انڪوائري جي ڄاڻ نه آهي، فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف 10 سيڪڙو ڪميشن وٺڻ جون خبرون به هليون، ڪنهن جي خلاف افواهه ڦهلائڻ سٺي ڳالهه نه آهي، ان معاملي تي جيڪو ڪجهه به ٿيندو ظاهر ٿي ويندو، پنهنجي ڳالهه دوران 18 هين ترميم تي هن چيو ته 18 هين ترميم تي سنجيندگي جي سطح تائين ڪا به ڳالهه نه پئي ٿئي، 18 هين ترميم سميت ڪنهن به عنوان تي بحث ٿي سگهي ٿو، توهان نٿا چاهيون ته بحث نٿو ٿي سگهي ته توهان بهتري جي حق ۾ نه آهي، 18 هين ترميم سميت ڪا به ترميم هجي اتفاق راءِ سان ٿيندي، جيڪا به ڳالهه ٿي رهي آهي اها بهتري جي ٿي رهي آهي، اهو موقف 18 هين ترميم تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي، اپوزيشن جي موقف سان سٺو پيغام نه ويندو