روم (اي پي پي) اٽالين سري اي فٽبال ڪپ ۾ اي سي ميلان کي چوٿين شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. اٽالين ڪپ جي سلسلي ۾ کيڏيل ميچ ۾ سمپڊ وري ڪلب شاندار راند پيش ڪندي اي سي ميلان ڪلب کي دلچسپ مقابلن کان پوءِ 0-1 گول تان شڪست ڏني هئي. اها اي سي ميلان کي لڳاتار چوٿين شڪست آهي. فاتح ٽيم طرفان مورائل ميچ جي 70هين منٽ ۾ گول ڪري تيم کي سرسي ڏياري ۽ اهو ئي گول فيصلي جوڳو ثابت ٿيو.