اٽارني جنرل نواز ڪٽنب کي بچائڻ ۾ لڳي پيو آهي: عمران خان

بني گالا(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران چيو آهي ته نيب شريف خاندان کي بچائڻ جي  ڪوشش ڪري رهي ۽ نيب کي ڪنهن تي به اعتماد ناهي ڇو ته ان جو به جنازو نڪري چڪو آهي. بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته موٽو گينگ کي خبر آهي هنن وٽ دليل  ختم ٿي ويا آهن،  ڪير به نٿو چوي ته ڪي پي ڪي ۾ رينجرز جي ضرورت آهي. هن چيو ته اٽارني جنرل نواز ڪٽنب کي بچائڻ ۾ لڳي پيو آهي، اٽارني جنرل جي رويي تي شرم اچي رهيو آهي، دعا ٿو گهران ته سڀاني پاناما ڪيس جو فيصلو اچي وڃي، اٽارني جنرل نواز ڪٽنب جي وڪالت ڪري رهيو آهي.  ايف بي آر پيسا جمع ڪرڻ بدران سوديبازي ڪندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *