اسلام آباد: (بيورو) حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي لاءِ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جي طرفان گهرايل ڪُل جماعتي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ جاري آهي.اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي جاري اي پي سي ۾ شهباز شريف، يوسف رضا گيلاني، اسفنديار ولي، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽي جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اي پي سي دوران مولانا فضل الرحمان شرڪت ڪندڙن کي تجويز ڏني ته موجوده حڪومت عوامي نمائندگي ناهي ڪئي. ان ڪري اجتماعي استعيفيٰ ڏني وڃي ۽ 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي.اي پي سي ۾ شرڪت کان اڳ پارليامينٽ هائوس ۾ شهبازشريف جي اڳواڻي ۾ متحده اپوزيشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ اي پي سي ۾ بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف جي شرڪت جو فيصلو ڪيو. اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين فيصلو ڪيو آهي ته اي پي سي ۾ اڳواڻن سميت وفد به شرڪت ڪندو.صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته اوهان جي ۽ بلاول جي شرڪت جو فيصلو هاڻ ڇو ٿي رهيو آهي. ڇا اوهان کي پهريان ڪو مونجهارو هئو. جنهن تي شهباز شريف چيو ته ڪوبه مونجهارو نه هو. اوهان کي ڪنهن غلط خبر ڏني آهي. شهبازشريف جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ(ن) جي 14 رڪني وفد اي پي سي ۾ شرڪت ڪئي. وفد ۾ راجا ظفرالحق، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، سينيٽر جاويد عباسي، اياز صادق، سردار مهتاب خان، احسن اقبال، جنرل(ر) قادر بلوچ، رانا ثناءُالله، شاهه محمد شاهه، ڊاڪٽر عباد، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ مريم اورنگزيب شامل آهن.ٻئي طرف پيپلز پارٽي ڪُل جماعتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ 5 رڪني وفد جو اعلان ڪيو جيڪو يوسف رضا گيلاني، رضا رباني، نيئر بخاري، شيري رحمان ۽ فرحت الله بابر تي ٻڌل آهي. پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس شروع ٿيو جنهن جي دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اي پي سي ۾ شرڪت جو حتمي فيصلو ڪيو ويو. هوڏانهن متحده مجلس عمل جي سينيٽر سراج الحق، ساجد نقوي، ساجد مير ۽ اويس نوراني کي به دعوت ڏني وئي هئي. پر جماعت اسلامي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ورتي آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اسيمبلين مان استعيفيٰ جي باري ۾ جمعيت علماءِ جي امير مولانا فضل الرحمان جي تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب ٻنهي وڏين پارٽين موقف اختيار ڪيو ته اسيمبلين مان استعيفيٰ ملڪي مسئلن جو حل ناهي، پارليامينٽ کان ٻاهر رهي پنهنجو موقف بهتر طريقي سان نه ڏئي سگهنداسين، پارليامينٽ جي اندر ۽ پارليامينٽ جي ٻاهر اثرائتو ۽ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. تفصيل موجب حڪومتي خلاف آئندا جو لائحه عمل طئه ڪرڻ لاءِ گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته 25 جولاءِ 2018ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي، ان ڏينهن کي پوري ملڪ ۾ ڪاري ڏينهن جي طور تي ملهائڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي نه ٿي، وقت اچي ويو آهي ته هڪ زبان ٿي فيصلا ڪريون، هن سمورين اپوزيشن اپرٽين کي اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جي تجويز ڏني. اجلاس کي خطاب ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ ان کان بدترين بجيٽ نه ڏٺي، اسان اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.ان موقعي تي اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته صادق سنجراڻي کي تبديل ڪرڻ گهرجي، اپوزيشن اهو قدم نه کنيو ته عوام اعتماد نه ڪندو.اي اين پي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي به تجويز ڏني، ميان افتخار جو چوڻ هو ته اسان تحريڪ بابت پلان تيار ڪنداسين، هن جو چوڻ هو ته سينيٽ ر۾ اپوزيشن پارٽين جي اڪثريت آهي، حڪومت ڪيرائڻ کان اڳ سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ وڃي، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ اپوزيشن جا هجڻ گهرجن.اجلاس جو پهريون مرحلو ختم ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اي پي سي ۾ اڃان بحث شروعاتي سطح تي آهي، اجلاس ۾ مختلف اڳواڻن تقريرن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ايجنڊا جي اهم نقطن تي ڳالهيون ٿيڻ باقي آهن.مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز شريف کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته اي پي سي ۾ ڪهڙا فيصلا ٿيا؟ ان جو جواب ڏيندي هن چيو ته اڃان ڳالهيون جاري آهن. ان کان پڇيو ويو ته ڇا حڪومت ويندڙ نظر اچي رهي آهي؟ ته مريم نواز انشاءَالله چوندي چيو ته اڄ اسان ڪجهه نه ڪيو ته عوام مايوس ٿيندو، اسان کي حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو.