اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار نعيم الحق چيو آهي ته اي پي سي نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي بقا جو مسئلو آهي. جڏهن ته هن بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز تي چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪرڻ جو به الزام هنيو آهي.صحافين سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته ڪيترن ئي مسئلن تي مخالف ڌر جا پاڻ ۾ اختلاف آهن، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري تي الزام ثابت ٿي چڪا آهن، اي پي سي اڳيان سڀ کان وڏو مسئلو مسلم ليگ ن ۽ پ پ اڳواڻن جي بقا جو آهي. هن چيو ته اي پي سي جي ڪوشش هوندي ته انهن ليڊرن بابت ڪجهه بيان جاري ڪيا وڃن. سندن چوڻ هو ته اي پي سي کي قانون جي دائري ۾ بجيٽ بابت احتجاج جي اجازت آهي پر قانون ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.نعيم الحق چيو ته اپوزيشن رويو ٺيڪ ڪري، هر شيءَ ۾ حڪومت مخالف بدزباني نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مريم نواز ۽ بلاول جي بيانن ۽ تقريرن سبب ملڪ ۾ نفرت پکڙجي رهي آهي، نفرت جي فضا ملڪ، پارليامينٽ ۽ عوام لاءِ نقصانڪار آهي، تنبيهه ڪريان ٿو ته نفرت جوڳن بيانن ۽ تقريرن کان پاسو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ ووٽ موجود آهن، ڇنڇر تي بجيٽ منظور ڪرائي ويندي، ايم ڪيو ايم سان سندن سٺا لاڳاپا آهن، سندن وزيرن جي ڪارڪردگي سٺي آهي، اختر مينگل سان به معاملا طئه ٿي ويا آهن.