اي سي سي پي آءِ اي لاءِ پنج ارب 60 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) اقتصادي رابطي واري ڪميٽي قومي ايئر لائن 5 ارب 60 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي اڱاري تي ناني جي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي ادارن جي مالي معاملن سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ان کان سواءِ اي سي سي ڪپهه جو فصل وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي منطوري ڏني اجلاس ۾ ووئڻن جوفصل پوکيندڙ علائقن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اجلاس م فيصلو ڪيو ويو ته ڪپهه جو فصل وڌائڻ لاءِ ريسرچ ديوپمينٽ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو جڏهن ته ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ لاءِ چين کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اقتصادي رابطا ڪميٽي چيو ته ڪپهه تي تحقيق ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ چين جي تجربي مان فائدو ورتو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *