اي سي سي اجلاس: هلندڙ مهيني جو گردشي قرض 30 ارب رپين تائين پهچڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ هلندڙ مهيني گردشي قرض 30 ارب رپين تائين پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي چيئرمين ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کيس بريفنگ ڏني وئي. اي سي سي کي بريفنگ دوران انڪشاف ڪيو ويو ته گردشي قرض 596 ارب رپين تائين وڃي پهتو، جنهن ۾ هلندڙ مهيني جو گردشي قرض 30 ارب رپيا ٿي ويو آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته توانائي شعبي جو مجموعي گردشي قرض 1188 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزير سمورن ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي گردشي قرض بابت ڪو فيصلو ڪيو ويندو. اي سي سي اجلاس ۾ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي سمري پوئتي ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان اسٽيٽ آئل لاءِ 10 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *