ايگزيڪٽ جي سربراهه شعيب شيخ کي ٻيهر جيل وڃڻو پئجي سگهي ٿو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس ٻن مهينن اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ايگزيڪٽ جي سربراهه شعيب شيخ کي ٻيهر جيل ۾ وڃڻو به پئجي سگهجي ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته ايگزيڪٽ جو سربراهه شعيب شيخ ٽرائل ۾ سهڪار نه ڪري رهيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدم سهڪار جي صورت ۾ شعيب جي ضمانت رد ڪئي وڃي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ايگزيڪٽ جو سربراهه شعيب شيخ ڪٿي آهي،  ڇا سندس ضمانت ٿي چڪي آهي، جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته سمورن ڪيسن ۾ سندس ضمانت ٿي چڪي آهي. چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، جنهن تي هن چيو ته اسان کي وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ايگزيڪٽ جا ڪهڙا ڪهڙا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، عدالت ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس جا سمورا تفصيل طلب ڪندي حڪم ڏنو ته جعلي ڊگري ڪيس ٻن مهينن اندر اڪلايا وڃن. عدالت 10 ڏينهن ۾ ايگزيڪٽ چينل جي اڳوڻن ملازمن کي پگهار ڏيڻ ۽ 10 ڏينهن ۾ 10 ڪروڙ رپيه سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. هن چيو ته جن ماڻهن جي بقايا آهي کين ادا ڪئي وڃي، 10 ڪروڙ رپيه سپريم ڪورٽ ۾ جمع نه ڪرايا ويا ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ ايگزيڪٽ جي سربراهه شعيب شيخ کي ٻيهر جيل وڃڻو پئجي سگهجي ٿو.  چيف جسٽس چيو ته ايگزيڪٽ چينل جي ملازمن جي گهڻي دعويٰ آهي جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته ملازمن جي دعويٰ 30 ڪروڙ رپين جي آهي. وڪيل چيو ته 10 ڪروڙ رپين جي رقم جمع ڪرائڻ مشڪل آهي، ڪا پراپرٽي يا ڪجهه ٻيو پاڻ وٽ ضمانت طور رکو. چيف جسٽس چيو ته توهان لاءِ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي، رڳو 2 ڊگريون وڪرو ڪرڻيون آهن. ايگزيڪٽ چينل جي سي اي او بيان ڏنو ته بحران آيو ته سلمان اقبال چينل ٽيڪ اوور ڪيو، ٻن مهينن جون ادائيگيون سندس ذميواري آهي. سپريم ڪورٽ ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *