ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس: خبر پوڻ گهرجي ته اربين رپين جا اڪائونٽس ڪٿان آيا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پاڪستان جي عزت مقدم آهي، باقي ٻيون شيون ثانوي آهن تنهن ڪري خبر پوڻ گهرجي ته اربين رپين جا اڪائونٽس ڪٿان آيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، پاڪستان براڊ ڪاسٽر ايسوسيئيشن طرفان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پي بي اي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جو ڪهڙو مفاد آهي، وڪيل چيو ته ڏوهن جو پئسو استعمال ڪيو پيو وڃي سموري ميڊيا انڊسٽري اسٽيڪ تي آهي. چيف جسٽس چيو ته سموري ميڊيا انڊسٽري ڪالهه به اسٽيڪ تي هئي، ڪالهه مسعود چيو ته ميڊيا انڊسٽري اسٽيڪ تي آهي، جڏهن اسان ڪنهن کان پڇاڻو ڪيون ٿا ته سموري ميڊيا انڊسٽري اسٽيڪ تي لڳي ويندي آهي، خبر ناهي ته اها ڪهڙي اسٽيڪ آهي، ڪٿي اها چڪن اسٽيڪ تي نه آهي. عدالت پاڪستان براڊ ڪاسٽر ايسوسيئيشن جي ڌر بڻجڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. چيف جسٽس سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايف آءِ اي جعلي ڊگري بابت ڪو لکت جواب داخل ڪرايو آهي؟ ان تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ايف آءِ اي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ايگزيڪٽ جي وڪيل ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ايگزيڪٽ خلاف ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ 18 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن، راولپنڊي ۾ به ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا بول متاثرن کي پگهار ڏني وئي آهي، وڪيل چيو ته متاثرن کي پگهار ڪٿان ڏيون، جسٽس ثاقب نثار چيو ته جتان بول هلايو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *