ايڇ آءِ وي جي مرض نه صرف ملڪ پر پرڏيهه ۾ به ٿرٿلو مچائي ڇڏيو: ڊاڪٽر ظفر مرزا

لاڙڪاڻو:(بيورو)  مملڪتي وزير، قومي صحت ۽ خدمتن واري خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت هيٺ ايڇ آءِ وي ايڊز جي خاتمي سميت صحت جي ٻين اهم معاملن بابت اجلاس ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد سليم رضا کهڙو، ڊپٽي ڪمشنر محمد نعمان صديق، ايم ايس چانڊڪا اسپتال ڊاڪٽر عبدالستار شيخ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطا الرحمٰن، نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرا، سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام سميت صحت کاتي جي عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صحت کاتي ۽ انتظاميا طرفان ايڇ آءِ وي جي خاتمي لاءِ اپائن ۽ ٻين اهم معاملن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير، قومي صحت ۽ خدمتن واري خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ايڇ آءِ وي جي مرض نه صرف ملڪ پر پرڏيهه ۾ به ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، ايسيتائين جو آءُ جنيوا ۾ هيس اتي به ايڇ آءِ وي بابت اتي به ڳالهيون ٿيون.هن چيو ته ايڇ آءِ وي ٻارڙن جو انگ وڌيڪ آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته ان مرض جا ڪارڻ لاءِ جامع ۽ تفصيلي طريقي سان جاچ ڪئي وڃي، جنهن مان ڪجهه ڪارڻ عام آهن، ان ۾ سرنجن جو ٻيهر استعمال ڪرڻ، بغير اسڪريننگ جي رت جي مٽاسٽا، اسپتالن مان انفڪيشن ڦهلجڻ ۽ غير محفوظ جنسي تعلقات شامل آهن جنهن ڪري هي مرض خاص طور تي ٻارڙن ۾ ڦهليو آهي.جڏهن متاثر ٻارڙن جي والدين جي اسڪريننگ ڪئي وئي ته ان مان اڪثر والدين جا ٽيسٽ نيگيٽو آيا جنهن مان لڳي ٿو ته ٻارڙن کي ٻئي هنڌ اهو وائرس لڳو آهي، ان سموري معاملي جي جاچ ۽ تحقيق ضروري آهي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، يونيسيف، يو اين ايڊ، آغا خان فائونڊيشن، آغا خان اسپتال سميت ٻيا ادارا ملي ڪري صوبائي حڪومت سان تعاون ڪري رهيا آهن مسئلي جي جڙ تي پهچڻ تائين سمورا ادا سهڪار ڪندا رهندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *