ايٽم بم جي تياري لاءِ قذافيءَ پي آءِ اي جهازن ذريعي 50 ڪروڙ ڊالرز ڪراچي پهچايا: سي آءِ اي

واشنگٽن (اين اين آءِ) سي آءِ اي جي هڪ اعليٰ آفيسر ان وقت جي آمريڪي حڪومت کي پاڪستان پاران پلوٽونيم وڌائڻ واري ري پراسيسنگ پلانٽ جي باري ۾ خبردار ڪيو هو ميڊيا رپورٽ موجب اهي ڳالهيون بين الاقوامي انٽيليجنس تي آمريڪي صدر کي مشورو فراهم ڪندڙ سي آءِ اي جي شعبي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نومبر 1982 ۾ آمريڪا تي اثر انداز ٿيندڙ عالمي واقعا نالي رپورٽ ۾ ڪيون. پاڪستان پاران ايٽمي هٿيارن جي تياري جي زيلي عنوان ۾ اهي دستاويز ان وقت پاڪستان پاران ايٽمي هٿيارن جي تياري جي باري ۾ آمريڪا جي اختيارن جي ڄاڻ پاران اشارو ڪيو ويو هو وڌيڪ ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان نيو ڪليئر بم جي تياري ڏانهن وڌي رهيو آهي. هو هڪ ايٽمي هٿيار جي تياري لاءِ سامان ۽ پرزا خريد ڪري رهيو آهي ۽ اطلاع آهن ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ هو پلوٽونيم ڊگهو ڪرڻ لاءِ ري پراسيسنگ پلانٽ به شروع ڪندو. مضمون ۾ وڌيڪ دعوا ڪئي وئي ته قذافي پي آءِ اي جي جهازن ذريعي 50 ڪروڙ ڊالرز ڪراچي پهچايا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *