ايون فيلڊ ڪيس:منهنجو ڪيس دهشتگردي جو نه هو،جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کي ڇو شامل ڪيو ويو:نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته منهنجو ڪيس ڪو دهشتگردي جو ڪيس نه هو  ۽ مان وفاق خلاف ڪو به ڪم نه ڪري رهيو هئس. ان لاءِ جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کي وچ ۾ وجهڻ جي ڪهڙي ضروت هئي. اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اڊيالا جيل ۾ تياريون اڳ ئي شروع ڪيون ويون آهن، اڊيالا جيل انتظاميا کي  ڪئين خبر پئي ته ڪو اچي رهيو آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ حاضري تي عدالت ٻاهران صحافين نواز شريف کان سوال ڪيو ته ڪنهن خاص مهمان جي اچڻ لاءِ اڊيالا جيل ۾ صفائي جون  خبرون اچي رهيون آهن،جنهن جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته جيل ۾ تياريون اڳ ئي شروع ڪيون ويون آهن. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته اڊيالا جيل وارن کي ڪئين خبر پئي ته ڪو اچي رهيو آهي، 6 مهينن جو عرصو ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ نه پر سزا ٻڌائڻ لاءِ  هو .صحافي نواز شريف کان سوال ڪندي چيو ته توهان جي ساڄي کاٻي اهي ماڻهون هوندا آهن جيڪي وفاداريون تبديل ڪندا رهندا آهن جنهن تي نواز شريف چيو ته منهنجي ساڄي کاٻي اهي ماڻهو نه پر ڪميٽڊ ماڻهون هوندا آهن،اسان سان گڏ هن وقت اهي ماڻهون آهن جيڪي ڪيترن ئي نسلن کان مسلم ليگي آهن.اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت ۾ نيب قانون بابت وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ڪوشش ڪنداسين ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙن اميدوارن تي نيب جو ڪو به دٻاءُ نه هجڻ گهرجي. هڪ صحافي نواز شريف کان سوال ڪندي چيو ته چوڌري نثار جي باري ۾ توهان ڪهڙي سوچ ٿا رکو، قوم اهو ڄاڻڻ چاهي تي نواز شريف چيو ته سندس حوالي سان قوم سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي ۽ پاڪستاني قوم مونکان ڪجهه ٻڌڻ اڳ ئي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو ته واجد ضياءِ کي عدالت ۾ چوڻو پيو ته نواز شريف جي پگهار جي حوالي ڪي به ثبوت ناهن مليا،يعني جنهن الزام هيٺ مونکي نااهل ڪيو  ويو ان جو به ڪو ثبوت نه مليو جڏهن ثبوت ئي ناهن پوءِ ڪيس ڇا جو آهي؟ جيڪي حقيقتون اسان جي حق ۾ اچي رهيون انهن کي وڏي مهارت سان لڪايو ويو پر جي آءِ ٽي ناڪام ٿي وئي.هن چيو ته چوندو پيو اچان ته هي فراڊ آهي ۽ اسان جي خلاف اتنقام آهي، مان الله کانسواءِ ڪنهن جي اڳيان سر ناهيان جهڪائيندو، پاڪستان جو عوام مونسان محبت ڪري ٿو ان ڪري هي مونکي برداشت نٿا ڪن.اڳوڻي نواز شريف چيو ته واٽس ايپ تي جي آءِ ٽي جا جيڪي 6 هيرو چونڊيا ويا انهن مان منگي کانسواءِ باقي 5 مان 3 اسان جا سياسي طور تي بدترين مخالف هئا،انهن جو تعلق پي ٽي آءِ سان هو،پي ٽي آءِ جا ٽڪيٽ هولڊر هنن جا ويجها مائٽ آهن. هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ هڪ آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيلجنس جو ميمبر هو. منهنجو ڪيس دهشتگردي جو ڪيس نه هو مان وفاق جي خلاف ڪو ڪم نه ڪري رهيو هئس، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کي وچ ۾ وجهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي،اهو هڪ تمام وڏو سوال آهي جنهن جواب ملڻ گهرجي، انهن کي هن ڪيس ۾ ڇو شامل ڪيو ويو .نواز شريف چيو ته جنهن لنڊن انويسٽيگيشن جي لاءِ جيڪا ڪمپني چونڊي اهو واجد ضياءِ جي سئوٽ هو، واجد ضياءَ کي جواب ڏيڻو پوندو ته هن سئوٽ کي ڪيترا پيسا ڏنا، هي پيسا قومي ناڻي مان ڏنا ويا ۽ اهي قوم جا پيسا هئا،اڄ نه ته  سڀاڻي واجد ضياءِ کي جواب ڏيڻو پوندو ۽ قوم به هن جو احتساب ڪندي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪيس ۾ چونڊي چونڊي پري پري کان ماڻهن کي آندو ويو ۽ انهن کان جاچ ڪرائي وئي، ان جو مقصد پنهنجي مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ هو ته جئين ڪيس جو حقيقتون ڪهڙيون به هجن فيصلو اهڙو ڪيو وڃي جنهن سان نواز شريف جي خلاف بدلي جي خواهش کي پورو ڪيو وڃي.هن چيو ته اڄ هي ردعمل منهنجو نه قوم جو آهي ۽ ايندڙ وقت اهو ردعمل وڌندو.ان موقعي ته مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جن سان سياسي طور تي مقابلو نٿا ڪري سگهن، ووٽ جي ذريعي ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگهن انهن کي عدالتن کان نااهل ڪرايوويندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *