ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس: شريف خاندان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد

اسلام آباد ( بيورو ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ نياڻي ڪيپٽن صفدر طرفان ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.  اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وئي.ٻڌڻي دوران شريف خاندان خلاف وڌيڪ چئن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيل طرفان ڪلثوم نواز جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. نواز شريف جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي جنهن تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب شديد مخالفت ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته ٽرائل هاڻي مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي تنهن ڪري جوابدارن کي حاضري کان ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر چيو ته 2 جوابدار پهريون ئي عدالت مان اشتهاري آهي ۽ ٻئي پٽ ڪلثوم نواز جي سار سنڀال لاءِ لنڊن ۾ موجود آهن.  عدالت طرفان ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي ريفرنس جي ٻڌڻي 22 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران فليگ شپ انويسٽمينٽ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز  ريفرنس جا نقل به ورهايا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *