اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نياڻي مريم نواز شريف ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر جي وڪيل ايڊووڪيٽ امجد پرويز کي هر حالت ۾ سومر تائين آخري دليل ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کي اڱاري ڏينهن 3 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي وڪيل امجد پرويز آخري دليلن تي اعتراض ڪندي چيو ته قومي احتساب بيورو نيب مظهر رضا بنگش کي خط پيش ڪيو، پر اهڙي خط کي ثابت ڪير ڪري سگهي ٿو؟ هن چيوته شاهد مظهر بنگش پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪو رڪارڊ پيش ڪيو ويو اهو سيل بند لفافي ۾ هو پر نيب جي شاهد زوار منظور چيو ته جيڪي لفافا منظور بنگش ڏنا اهي سيل نه هئا. ايڊووڪيٽ امجد پرويز چيو ته جيڪي دستاويز مظهر بنگش طرفان جمع ڪرايا ويا اهي فوٽو ڪاپي هئا، تنهن ڪري اهي دستاويز قانوني شاهدي موجب عدالتي رڪارڊ جو حصو نه ٿا بڻجي سگهن. هن چيوته التوفيق ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ عباس شريف ڌر هئا. سندس چوڻ هو ته ڪوينز بئنچ جي فيصلي جو متن به فرد جرم بابت ناهي، بيان حلفي ڏيندڙ شيزي نقوي هن عدالت جي سامهون ناهي،رحمان ملڪ جي رپورٽ آفيشل رپورٽ ناهي، ان کي ايف آءِ به قبول نه ڪيو هو، تنهن ڪري هاڻي عدالت کي اهو ڏسڻو آهي ته ڪوينز بئنچ جو فيصلو قبولڻ جوڳي شاهدي آهي يا نه آهي. ايڊووڪيٽ امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف نه لنڊن فليٽس جو مالڪ آهي ۽ نه وري 1993ع کان قابض آهي. هن نچيو ته ڪنهن به مرحلي تي شريف خاندان جو پراپرٽي سان تعلق ٿي سگهي ٿو پر نواز شريف سان ناهي. ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي ۽ مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. جج محمد بشير چيو ته اڱاري تي شاهد واجد ضياءَ کي گهرائي وٺون ٿا جنهن تي ايڊووڪيٽ امجد پرويز چيو ته واجد ضياءَ چوي ٿو ته اڍائي وڳي کانپوءِ ڪم نه ڪرڻو آهي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هي ماڻهو ڇنڇر تي به ڪم نه ٿا ڪن، عدالتي وقت بعد به ڪم نه ٿا ڪن جنهن تي امجد پرويز چيو ته نيب پراسيڪيوٽر مون کي نه ٻڌائي ته ڪيس ڪيئن وڙهڻو آهي. جج محمد بشير هدايت ڪئي ته سومر 2 جولاءِ تي هرصورت ۾ آخري دليل ڏنا وڃن. ٻڌڻي دوران عدالت شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي سومر 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کي اڱاري ڏينهن 3 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو.