ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف نيب جي اپيل رد ٿيڻ تي مريم نواز جو ٽوئيٽ

لاهور(م ڊ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سزا خلاف نيب جي اپيل رد ٿيڻ تي مريم نواز جو چوڻ آهي ته مون کي اصل سڪون ۽ خوشي والد جي گهر واپسي تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ طرفان ايون فيلٽ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سزا معطلي تي نيب جي اپيل رد ڪرڻ واري فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جو چوڻ آهي ته مون کي خدا تي اعتماد آهي ۽ عوام جي دعائن تي به ٿورائتي آهيان. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته حقيقت ته اِها آهي ته آئون ڪڏهن به هڪ لمحي جي لاءِ پريشان نه هيس، اڄوڪي فيصلي تي  الله جو شڪر ادا ڪيو آهي، پر اصل سڪون ۽ خوشي والد جي گهر واپسي تي ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *