ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف ۽ مريم نواز کي حاضري کان وڌيڪ 2 ڏينهن جي ڇوٽ ملي وئي

اسلام آباد(بيورو) شريف خاندان جي خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي، جتي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي حاضري کان وڌيڪ 2 ڏينهن جي ڇوٽ ڏني وئي. ٻئي پاسي مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر جي وڪيل ايڊووڪيٽ امجد پرويز جي حتمي دليلن جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊم ۾  هئڻ جي ڪري اڄ پيش نه ٿيا. احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران نواز شريف ۽ مريم نواز جي حاضري کان 7 ڏينهن جي ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي، پر بحث دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي 7 ڏينهن جي ڇوٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سردار مظفر عباسي چيو ته ڊاڪٽرن جي رپورٽ موجب بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت بهتر آهي، ان ڪري هاڻ نواز شريف ۽ مريم نواز جو اُتي رهڻ ضروري ناهي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب چيو ته قانون اِهو نٿو چوي ته هر پيشي تي 7 ڏينهن جي ڇوٽ گهري وڃي. گڏوگڏ هن چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ٽائيم ڏيڻ گهرجي ته هو هڪ ٻن ڏينهن ۾ عدالت ۾ پيش ٿين. احتساب عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ ٿوري دير بعد فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف ۽ مريم نواز کي حاضري کان 2 ڏينهن جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. اڄوڪي ٻڌڻي جي شروعات ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي وڪيل امجد پرويز ٽئين ڏينهن به حتمي دليل جاري رکيا. وڪيل صفائي امجد پرويز جو چوڻ هو ته قانون جي موجب لاڳاپيل شعبي ۾ مهارت وارا ئي راءِ ڏئي سگهن ٿا ۽ جنهن بنياد تي ماهر راءِ ڏئي رهيا آهن اُها بنياد به لاڳاپيل هئڻ گهرجي.  ايڊووڪيٽ امجد پرويز اعتراض واريو ته شاهد رابرٽ ريڊلي چيو ته هو 1976ع کان ان شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، پر هن پنهنجي تعليم ناهي ٻڌائي. هن چيو ته رابرٽ ريڊلي جي سي وي ضرور آهي، پر بيان جي دوران هن سي وي ريڪارڊ تي نه ڏيکاري، فريادي کي وي سي رابرٽ ريڊلي جي بيان جي وقت ريڪارڊ تي آڻڻ گهربي هئي.  وڪيل صفائي امجد پرويز دليل دوران وڌيڪ چيو ته فونٽ جي سڃاڻپ ڪرڻ هڪ الڳ مهارت هي پر رابرٽ ريڊلي پنهنجي سي وي ۾ اها مهارت ظاهر ناهي ڪئي. امجد پرويز چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليم 4  جي صفحي 136 تي ايلن ريڊلي جي سي وي موجود آهي، جنهن ۾ هن فونٽ جي سڃاڻپ جي مهارت ظاهر ڪري رکي آهي، پر ايلن ريڊلي جي مقابلي ۾ رابرٽ ريڊلي اِها ڳالهه ناهي لکي.  وڪيل صفائي امجد پرويز چيو ته رابر ريڊلي فونٽ جي سڃاڻپ ڪرڻ جو ماهر ناهي، ڪنهن ماهر تي لازم ٿيندو آهي ته هو پنهنجي ڄاڻ جا ذريعا ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته رابرٽ ريڊلي جرح ۾ تسليم ڪيو ته هو ڪمپيوٽر جو ماهر ناهي. امجد پرويز موجب رابرٽ ريڊلي تسليم ڪيو ته 2005ع ۾ هن ڪيلبري  فونٽ ڊائون لوڊ ڪيو، اُن اعترافي بيان مان ثابت ٿو ٿئي ته اُن وقت ڪيلبري فونٽ موجود هو جڏهن ته فريادي چيو ته 2007ع کان پهرين ڪيلبري ڪمرشل استعمال جي لاءِ موجود نه هو. وڪيل صفائي موجب رابرٽ ريڊلي چيو ته هن پنهنجي ڄاڻ جا ذريعا ظاهر ڪري رکيا آهن، پر حقيقيت ۾ ائين ناهي ۽ رابرٽ ريڊلي ڪا به ڄاڻ ظاهر ناهي ڪئي. هن چيو ته جي آءِ ٽي رابرٽ ريڊلي جون خدمتون اختر راجا جي ذريعي حاصل ڪيون، اهي خدمتون اختر راجا کان سواءِ ئي حاصل ڪري سگهجن پيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *