اسلام آباد: (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ايوان ۾ وزيراعظم عمران خان جي لاءِ ”سليڪٽڊ“ جو لفظ استعمال ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير عمر ايوب خان تحريڪ استحقاق پيش ڪئي.عمر ايوب نقطه اعتراض تي چيو ته اسان حڪومتي بينچن کان تحريڪ استحقاق پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم کي سليڪٽڊ جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو، جنهن سان اسان جو استحقاق مجروح ٿئي ٿو.هن تحريڪ تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ايوان ۾ وزيراعظم جي لاءِ سليڪٽڊ جو لفظ استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائيندي چيو ته جيڪو به هن هائوس جو ميمبر آهي اهو ووٽ وٺي آيو آهي. هن هدايت ڪئي ته آئنده ڪو به اهو لفظ ايوان ۾ استعمال نه ڪندو.ياد رهي ته ايوان ۾ وزيراعظم عمران خان جي لاءِ اپوزيشن جي طرفان سليڪٽڊ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.