اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي عالمي اڏامون 5 اپريل کان بحال ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل خط نوٽيفڪيشن ذريعي معطل ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ڊي ايم اي خط ۾ اعليٰ اختيارين کي درخواست ڪئي هئي ته پنج اپريل کان اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، فيصل آباد، سيالڪوٽ ۽ ملتان لاءِ پرڏيهي اڏامون بحال ڪيون وڃن. خط ۾ چيو ويو هو ته پنج اپريل کان دنيا لاءِ اڏامن کي بحال ڪيو وڃي، ايئر پورٽس تي ايندڙ سمورن مسافرب جي اسڪريننگ ڪئي ويندي ۽ شڪي مسافرن کي هوٽلن ۾ قائم قرنطينا ۾ منتقل ڪيو ويندو. ٻئي طرف سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه بيان ۾ چيو آهي ته موجودا صورتال ۾ هوائي آپريشن بحال ڪرڻ غلط فيصلو هوندو. هن چيو ته انٽرنيشنل فلائٽ آپريشن جي بندش اڳ ئي دير جو شڪار ٿي آهي.