اسلام آباد (بيورو) رٿابندي ۽ ترقي جي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اين سي سي اجلاس ۾ ڇهه فيصلا ٿيا ڪجهه معاملن تي صبن سان اتفاق ناهي ٿيو وزيراعظم چاهي ها ته آئيني اختيار استعمال ڪندي فيصلا مڙهي پوئي سگهيو پر ائين نه ڪيو خميس تي وزيراعظم سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته هر هر چيو ٿو وڃي ته معيشت گهڻي ضروري آهي انساني زندگي وڌيڪ اهم آهي هن چيو ته اين سي سي اجلاس ۾ مختلف تجويزون ڏنيون ويون ۽ ڇهه فيصلا ڪيا ويا، وفاقي وزير چيو ته ننڍن مارڪيٽن محلن، ٻهراڙي وارن علائقن جا دڪان جتي ڪو ئي وڏو ميڙ نه ٿو ٿئي انهن کي کولڻ جي اجازت ڏني وئي هن چيو ته سحري کان وٺي فجر کان وٺي شام پنجين وڳي تائين ننڍا دڪان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اسد عمر چيو ته خوراڪ ۽ دوائن کانسواءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن سمورا ننڍا مارڪيٽ ۽ دڪان بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هن چيو ته اسپتالن جي مخصوص او پي ڊيز کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.