ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل جو چوڻ آهي ته 2018ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي بابت اسان جا خدشا درست ٿابت ٿيا، اين اي 265 جي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ جمهوري طاقتن جي فتح آهي.تفصيل موجب بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار اختر جان مينگل بي اين پي جي اڳواڻ لشڪري رئيساڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 2018ع جي چونڊن کانپوءِ مختلف سياسي پارٽين پنهنجا خدشا پيش ڪيا هئا.بي اين پي چونڊ ڌانڌلي بابت شاهديون اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ڪيون چونڊ ڌانڌلي بابت اسان جا خدشا سچ ثابت ٿيا، اڄ فيصلو بي اين پي سميت سمورين جمهوري طاقتن جي فتح آهي، ان فيصلي سان انصاف جي اميد رکندڙن جي اميدن ۾ واڌ ٿي آهي.اختر مينگل جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ ڪلاڪ ڊگهين قطارن ۾ بيهي عوام جو حڪمرانن کي احساس هجڻ گهرجي، بلوچ اڳواڻ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قاسم سوري کان سرڪاري مراعتن جي استعمال سميت سمورن فنڊز جو حساب ورتو وڃي.